خيرپور (رپورٽر) ٿرڊ ايديشنل سيشن جج خيرپور جي عدالت ڳوٺ صدورو جانوري  جي رهواسڻ مسمات شڪيلان خاتون جانوري جي درخواست تي ڪارروائي ڪندي ڪمانگر پاڙي خيرپور جي رهواسي بااثر اظهر حسين ولد غلام رضا قريشي وٽ ناحق باندي بڻايل 10 مهينن جي معصوم ٻارڙي رطبه حسين ڌيءَ حبدار حسين جانوري کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرائڻ لاءِ ايس ايچ او بي سيڪشن کي ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي.