خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت والد کي قتل ڪندڙ نافرمان پٽ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، سينٽرل جيل  منتقل. خبر موجب خيرپور ۾ سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت پير ڳوٺ ٿاڻي جي حد ڳوٺ نور خان لغاريءَ ۾ پيرسن والد غلام اڪبر لغاريءَ کي قتل ڪندڙ جوابدار بهادر لغاري مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس عمر قيد ۽ 2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو. ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار 6 مهينا وڌيڪ قيد ڪاٽيندو. جوابدار مٿان الزام هو ته مقتول غلام اڪبر لغاري پنهنجي ڌيءَ مسمات شاهه خاتون لغاريءَ جي شادي برادريءَ کان ٻاهر ڪرائي، جنهن تان 20 سيپٽمبر 2014 تي جوابدار بهادر لغاري ناراض ٿي پستول جا فائر ڪري پنهنجي والد غلام اڪبر کي قتل ڪري ڇڏيو هو، ڏوهه ثابت  ٿيڻ تي عدالت جي فيصلي بعد جوابدار کي سينٽرل جيل خيرپور موڪليو ويو.