خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت چئن ٻارن ۽ سندن ماءُ کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. ٽيپاڻي بهليم ٿاڻي جي ايس ايچ او کي ليٽر جاري. خبر موجب خيرپور ۾ فورٿ ايڊيشنل سيشن جج ثمينه منگيءَ جي عدالت خيرپور ڀرسان ڳوٺ علي محمد سمنگ جي رهواسي گلشن احمد شيخ طرفان داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي ٽيپاڻي بهليم ٿاڻي جي ايس ايچ او کي ليٽر جاري ڪندي تعلقي سوڀوديرو جي ڳوٺ الاهي بخش انڙ جي رهواسي سڪندر علي، فياض ۽ مسمات زرينه شيخ وٽ مبينا باندي بڻايل مسمات ياسمين زال گلشن احمد شيخ، 9 سالن جي ڌيءَ مديحه، 7 ورهين جي آصفه، 5 سالن جي ڌيءَ حليما ۽ ٽن سالن جي پٽ فرحان علي شيخ کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرڻ  جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.