خيرپور (رپورٽر) فورٿ ايڊيشنل سيشن جج خيرپور جي عدالت تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ محمد عثمان ڪلهوڙو جي رهواسي عبدالله ڪلهوڙو طرفان داخل ڪرايل پٽيشن کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي فيض گنج ٿاڻي جي ايس ايچ او کي ليٽر جاري ڪندي عبداللطيف، بادل ۽ صاحب ڏنو راڄپر وٽ مبينا باندي بڻايل مسمات زرينه زال عبدالله ڪلهوڙو کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.