خيرپور (رپورٽر) سيشن جج مشتاق احمد لغاريءَ جي هدايتن بعد خيرپور جي فيملي جج نياز علي شاهه، فرسٽ سول جج گمبٽ شمس الدين چارڻ، سول جج پير جو ڳوٺ خالد ستار سومرو، فرسٽ سول جج ڪوٽڏيجي شميم قادر سهتو، سول جج سوڀوديرو ظفرالله جکراڻي، سول جج نارا مقتدر علي خان، سول جج فيض گنج نظام علي اڄڻ ۽ فرسٽ سول جج ميرواهه اميش هجراڻي پنهنجي پنهنجي حدن جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا طرفان ٻوڏ متاثرن کي رليف ڏيڻ متعلق ڄاڻ ورتي. اهڙيون رپورٽون سيشن جج مشتاق احمد لغاري کي پيش ڪري ڇڏيون آهن.