خيرپور (رپورٽر) خيرپور ضلعي انتظاميا شهر جي ڪيترن ئي علائقن، مک بازارن، روڊن رستن ۽ تعليمي ادارن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. خيرپور شهر جي نئون ڳوٺ، جيلاني پاڙي، آخوند پاڙي، اوستا گاهي پاڙي، ڏٻر، پنجهٽي، بابو شاهه محمد ڪالوني، ٽالپر ڪالوني، غريب آباد، اسٽاف ڪوارٽرز، مل ڪالوني، جناح ڪالوني، مصطفيٰ ڪالوني، الهه آباد، عريشه ڪالوني سميت شاهي بازار، حيدري بازار، ايوب مارڪيٽ، اسٽيشن روڊ، ڪچهري روڊ ۽ مال روڊ مان 2 هفتا گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ خيرپور جا شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس، ڪامپريهينسو هاءِ اسڪول، ناز هاءِ اسڪول، سپريئر سائنس ڪاليج ۾ پڻ پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته ٻن هفتن دوران ضلعي توڙي ميونسپل انتظاميا برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا نه ڪيو آهي، جنهن سبب ڪاروبار توڙي عام وهنوار معطل بڻيل آهي. شهرين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي پريشاني کان بچايو وڃي.