خيرپور جو نيڪال نظام ناڪاره بڻجي ويو: رستا ۽ گهٽيون گندي پاڻي جي تلائن ۾تبديل

0
142
خيرپور جو نيڪال نظام

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ضلعي هيڊڪوارٽر جو نيڪال نظام ناڪاره بڻجي ويو، شهر اندر گندو پاڻي تلائن جي صورت اختيار ڪري ويو، شهري پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا. خبر موجب خيرپور ۾ پبلڪ هيلٿ انتظاميا  جي نااهليءَ سبب ڳاڙهي پل، اوستا گاهي، ڏٻر ۽ پنجهٽي ۾ گٽرن جو گندو پاڻي تلائن جي صورت اختيار ڪري ويو. روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ گندو پاڻي بيٺل هجڻ سبب رهواسي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن

ان ڏس ۾ سماجي اڳواڻن ۽ ساڃاهه وندن علي احمد ميمڻ، نويد ميمڻ، ايڊوڪيٽ فياض خميساڻي، الطاف راجا، آزاد انصاري، علي مخفي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ذميوار سرڪاري ادارن جي بي ڌياني ۽ لاپرواهي سبب خيرپور شهر جو نقشو ئي تبديل ٿي ويو آهي. شهر ۾ هر وقت گٽرن جو گندو پاڻي بيٺل هوندو آهي. اڳواڻن موجب پبلڪ هيلٿ کاتي جي ڪروڙين رپيا بجيٽ هجڻ باوجود ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ هر وقت گندگيءَ جا ڍير لڳل هوندا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته شهر جي مختلف علائقن مان گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي شهر کي کنڊر بڻجڻ کان بچايو وڃي