خيرپور (رپورٽر) ناليوارو شاعر ۽ ”هوا پيغام آندو“ ڪتاب جو ليکڪ شاهن سمنگ ڪجهه عرصو بيمار رهڻ کان پوءِ گذريل ڏينهن سول اسپتال خيرپور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. بعد ۾ مرحوم جو مڙهه اباڻي ڳوٺ وڏا سمنگ آندو ويو. جنازي نماز بعد مرحوم جي مڙهه کي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم جي جنازي نماز ۾ اديبن، شاعرن، سماجي اڳواڻن، صحافين ۽ وڪيلن سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.