خيرپور (رپورٽر) خيرپور پوليس ڏوهارين سان مقابلو ڪري هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي. پوليس ترجمان موجب بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڀرڳڙي پل وٽ هٿياربندن جي اطلاع تي پوليس پهتي ته ڏوهارين فائرنگ ڪئي، جواب ۾ هڪ ڄڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٻه ڄڻا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.جوابدار وٽان هڪ ڦر ڪيل موٽر سائيڪل، ٽي ٽي پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون آهن، سڃاڻپ عقيل موريجو جي نالي سان ٿي آهي جيڪو بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ٻن ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو. پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوهاري کي علاج لاءِ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته گرفتار ڏوهاري موٽر سائيڪلون ڦر ڪرڻ، چورين، ڌاڙن، پوليس مقابلن ۽ ٻين سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو. پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوهاري جو ڪرمنل رڪارڊ ٻين ضلعن مان به معلوم ڪيو پيو وڃي.