خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي مختلف بينڪن مان قرض وٺي واپس نه ڪرڻ تي بئنڪنگ ڪورٽ ستن باقيدارن رستم علي، محمد رفيق راجپوت، علي اڪبر بروهي، عبداللطيف خلجي، اشفاق، غلام شبير ۽ غلام سرور عباسيءَ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کين گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي.