خيرپور (رپورٽر) برساتن کي هڪ مهينو گذرڻ باوجود خيرپور مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، مک بازارن، چوڪ چوراهن، جامع مسجد ۽ اي سيڪشن ٿاڻي سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ گندو پاڻي بيٺل، شهر ڏانهن خريداري لاءِ ايندڙ ويندڙ ماڻهن سميت شهري سخت پريشان، ان ڏس ۾ شهر جي مک بازارن، چوڪ چوراهن، جامع مسجد ۽ اي سيڪشن ٿاڻي سميت ڇٽي چوڪ، اوستا گاهي، مهراڻ يونيورسٽي خيرپور ڪيمپس، سُڪ پل، فلاءِ اوورهيڊ برج جي ٻنهي پاسن ۽ ٻين مختلف علائقن ۾ برساتي پاڻي بيٺل هئڻ سبب شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. خريداري جي مک مرڪز پنجگلا چوڪ، ڇٽي چوڪ ۽ مختلف بازارن ۾ خريداري لاءِ ايندڙ توڙي جامع مسجد صديق اڪبر ۾ نماز ادا ڪرڻ لاءِ ايندڙ شهري پڻ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن پر ضلعي انتظاميه توڙي ميونسپل ڪاميٽي انتظاميه پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪوبه سنجيده ڪردار ادا نه ڪيو آهي. هوڏانهن واپارين جي تنظيم انجمن تاجران خيرپور جا ٻه صدر حاجي لالا عبدالغفار شيخ ۽ عاشق حسين عباسي هئڻ جي باوجود ٻنهي ڌڙن جي واپارين صفائي نه ڪرائڻ جي صورت ۾ احتجاج جي ڌمڪي وارا بينر لڳائي ڇڏيا آهن، ٻي طرف شهرين دانيهندي چيو ته  شهر جي ڪيترن ئي علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ گٽرن جو پاڻي اوور فلو ٿي وڃڻ سبب گٽرن جو گندو پاڻي به روڊن رستن تي ڪاهي پيو آهي، مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي.  شڪايتن باوجود انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي،  نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.