خيرپور: اسپتال ۾ ٻارن جي وارڊ مان سامان کڻي ويندڙ ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي نه ٿي

0
294

خيرپور (ن پ ا) خيرپور جي ليڊي ويلنگٽن اسپتال ۾ ٻارن جي وارڊ مان سامان کڻي ويندڙ ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي نه ٿي، پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر گلشن ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ٽيم طرفان ليڊي ويلنگٽن اسپتال جو دورو، ٻارن جي وارڊ مان اي سيز ۽ آڪسيجن گئس سوڌو ٻيو سامان کڻي وڃڻ واري معاملي تي انتظاميا توڙي عملي کان پُڇاڳاڇا، ڊاڪٽر گلشن ميمڻ طرفان سامان کڻي ويندڙ ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻي کي ڇنڊ، اسپتال جي ايم ايس ڪلثوم آزاد جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻي طرفان آڪسيجن سلينڊر سوڌو ٻيو سامان کڻي وڃڻ سبب وارڊ ۾ داخل ٻارن جون حياتيون داءُ تي لڳي ويون، گئس نه ملڻ سبب 7 ٻارڙا به فوت ٿي چڪا، ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻي اعتراف ڪندي چيو ته سول اسپتال جي ايم ايس جي اجازت سان سامان کڻي ويو هو.