خيرپور: ارڙي ۽ روبيلا مهم ۾ سهڪار نه ڪرڻ تي ٻن اسڪولن جي رجسٽريشن رد

0
224

خيرپور(ن پ ا)  ارڙي ۽ روبيلا خلاف مهم ۾ سهڪار نه ڪرڻ تي ٻن نجي اسڪولن جي رجسٽريشن رد ڪئي وئي، ٻنهي اسڪولن مٿان 50، 50 هزار رپيا ڏنڊ، 15 اسڪولن کي شوڪاز نوٽيس به جاري ڪيا ويا آهن

ڊائريڪٽر پرائيويٽ انسٽيٽيوشن سکر پاران ڊپٽي ڪمشنر خيرپور طارق چانڊيو جي سفارش تي النور فيلوشپ اسڪول واري ڳوٺ ۽ عليزا پبلڪ اسڪول پنجهٽي جي رجسٽريشن رد ڪري ڏنڊ مڙهيو ويو

ڊپٽي ڪمشنر راجا طارق چانڊيو چيو آهي ته ارڙي ۽ روبيلا خلاف جاري مهم دوران صحت کاتي جي ٽيمن سان تعاون نه ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي