خيرپور (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف ضلع خيرپور جي نائب صدر ۽ ٺيڪيدار يار محمد منڱڻيجو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سرڪاري ٺيڪيدار آهيان، آبپاشي کاتي ۾ 3 ڪروڙ 53 رپين جو ٺيڪو مليو، ڪم مڪمل ڪرائي ڇڏيو آهي پر سنڌ حڪومت پئسن جي ادائيگي نه پئي ڪري جنهن سبب منهنجا ٻچا بکون
ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، اهڙيون درخواستون مون اعليٰ عدالتن ۽ ٻين وس وارن کي به ڏنيون پر ڪوبه تدارڪ نه ٿيو. هن چيو ته مون اهڙي درخواست سيشن ڪورٽ ۾ پڻ داخل ڪرائي عدالت منهنجو ڪيس ٿرڊ سول جج جي عدالت ۾ منتقل ڪري ڇڏيو جيڪو اسان جو مخالف آهي ۽ ان بنا جواز ٻن سالن بعد منهنجو ڪيس خارج ڪري ڇڏيو. هن چيو ته جيڪڏهن عدالتون انصاف نه ڪنديون ته اسان ڪنهن کي دانهن ڏيون. پئسن جي ادائگي ڪري مون سان ناانصافيون بند ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ مان پنهنجي خاندان سميت خودڪشي ڪري ڇڏيندس.