خيرپورناٿن شاهه/ ڪڪڙ(رپورٽ: ارشاد کوسو+ امير حسن ملاح) خيرپورناٿن شاهه مان زمين جي پراڻي تڪرار تان 3 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻيل نوجوان جو  مڇي جي تلاءَ مان گوليون لڳل لاش هٿ، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ لاش رکي ڌرڻو، انڊس هاءِ وي بلاڪ، ان ڏس ۾ ڳوٺ مراد ٻٻر ۾ 3 ڏينهن اڳ زمين جي پراڻي تڪرار تان اغوا ڄاڻيل   17 ورهين جي ظفر ولد خان محمد ٻٻر جو ڳوٺ ڀرسان مڇي جي تلاءۡ ۾ گوليون لڳل لاش هٿ آيو، وارثن پاران  لاش ڪڍي ڳوٺاڻن سان گڏجي مقتول جي والد خان محمد ٻٻر ۽ امڙ مسمات ارشاد بيگم جي اڳواڻي ۾ جوهي بئراج ڀرسان انڊس هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مقتول نوجوان جي امڙ مسمات ارشاد بيگم دانهيندي چيو ته  منهنجي پٽ  کي جوابدارن  زمين جي تڪرار تان اغوا ڪيو هو،  اسان کي ڌمڪيون ڏنيون ته ڪيس تان ۽ زمين تان هٿ کڻو نه ته اسان ظفر کي ماري ڇڏيندا سين، آئون 3 ڏينهن اڳ  خيرپورناٿن شاه پوليس اسٽيشن تي پاڪ ڪتاب کڻي ويس ته  پوليس اهلڪارن اسان کي چيو ته اوهان ڊرامو ڪري رهيا آهيو، نوجوان اغوا ناهي ٿيو، اڄ ڳوٺ ڀرسان پٽ جو گوليون لڳل لاش پاڻي جي کڏ مان مليو آهي، هنن چيو ته قتل جي ذميوار پوليس به آهي، جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو،