خيرپورناٿن شاھ (رپورٽ: ارشاد کوسو) خيرپورناٿن شاھ 22 ڏينهن کان وٺي ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل آهي، سوين اجها ڊهندا پيا وڃن، سنڌ سرڪار، چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا 22 ڏينهن گذرڻ باوجود تعلقي مان پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو، ان حوالي سان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ  ۽ سنڌ سرڪار چونڊيل نمائندن توڙي ضلعي انتظاميا جي لاپرواهي خلاف شهرين شهري اتحاد حافظ محمد امين جمالي، محمد بخش بروهي، لالا مگسي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سڄي سنڌ مان وڌيڪ خيرپورناٿن شاھ تعلقي ۾ ٻوڏ سبب وڏو نقصان ٿيو آهي، تعلقي ۾ اربين رپين جو نقصان ٿيو آهي، ٻوڏ جي پاڻي ۾ 20 کان 22 ماڻهون مختلف بيمارين ۽ بک وگهي مري چڪا آهن، گهر به ڊهي پٽ ٿي ويا، رهواسي مختلف شهرن ۾ دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن، چونڊيل نمائندا گم آهن، پاڻي نيڪال ناهي ٿيو، ماڻهون بک ۾ پاھ ٿي ويا آهن، احتجاج دوران شهري اتحاد جي صدر حافظ محمد امين جمالي پاڻ مٿان پئٽرول هاري باھ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته شهرين بچائي ورتو ۽ هو بيهوش ٿي ويو،  مظاهرين چيو ته ايم اين وي ڊرين هيٺ آهي ڪاري موري کان ڪٽ ڏئي تعلقي جو پاڻي ڪڍيو وڃي.