سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ برسات متاثرن طرفان داخل درخواستن جي ٻڌڻي، سکر، خيرپور، گھوٽڪي، نوشھرفيروز جي ڊپٽي ڪمشنرز طرفان اڳڀرائي رپورٽ پيش، آبپاشي عملدار به پيش ٿي عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ برسات متاثرن جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان دوران خيرپور، گھوٽڪي، نوشھروفيروز ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز، روينيو، اريگيشن، اسڪارپ صحت کاتي جا عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا. ان موقعي تي ڄاڻايل ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن مختلف علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائيندي آگاهي ڏني ته گمبٽ، ٺري ميرواھ، ڪوٽڏيجي، فيض گنج تعلقن جي متاثر ڳوٺن، علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ مشينري لڳائي وئي آھي. اسڪارپ عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته شھرن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ کين ھڪ مھيني جي مھلت ڏني وڃي. ٻڌڻي دوران جسٽس ظفر احمد راجپوت رمارڪس ڏيندي چيو ته رھائشي علائقن ۽ زرعي زمينن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ انتظام تيز ڪيا وڃن، ڇوته ڪڻڪ جي پوکائي جو وقت نڪرندو پيو وڃي، جيڪڏھن وقت تي فصل نه ٿيا ته معيشت کي سخت نقصان پھچندو. گھوٽڪي ضلعي ۾ تباھي جا ذميوار سيڊا جا آفيسر آھن. نوشھرو فيروز کان ڪوٽ لالو تائين رستو انتھائي خراب آھي. جسٽس خادم حسين تنيو رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏھن توھان جي گھرن ۽ زمين ۾ پاڻي بيٺل ھجي ته اتي به ان طريقي سان ڪم ٿيندو؟ عدالت سمورن لاڳاپيل ادارن کي 8 نومبر تي ٻيهر رپوٽون جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 15 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.