خيرپور، کارڪون ۽ خوراڪ جو تحفظ

0
169
رپئي جو ڪرندڙ اگھه، سبب ۽ حڪومتي جي بيوسي

 کجيءَ (Phoenix dactylifera) جي پوکائي 4 ھزار قبل مسيح کان به آڳاٽي سمجهي وڃي ٿي. ان جا آثار ڏکڻ عراق ۾ اُر جي ويجهو چنڊ ديوتا جي مندر جي تعمير مان مليا آهن. ان جي مصر جي وادي نيل، سميري، اڪادين ۽ بابل جي قديم آثارن مان به تصديق ٿي آهي. قديم گهرن جون ڇتيون کجيءَ جي وڻن جي ٿڙن ۽ ڇڙين سان جڙيل ھيون. يهودي، عيسائي ۽ اسلامي مذهبن ۾ کارڪن ۽ کجين جو ذڪر ڪرڻ حضرت ابراهيم عليه السلام جو اثر بنيادي سبب ھئا. جنهن جي پيدائش ۽ پرورش ان اُر جي پراڻي شهر ۾ ٿي هئي جتي کجيون پوکيون وينديون هيون. يهودي ڌرم ۾ کجيءَ کي ستن مقدس ميون مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو. ‘پام آچر’ جو ڏڻ ملھائڻ ان روايت جو حصو آھي. ٻين سڀني ڌرمن جي ڀيٽ ۾ اسلام کجور ۽ کجيءَ جي تقدس تي وڌيڪ زور ڏنو  آهي. قرآن پاڪ ۾ کارڪن ۽ کجيءَ جو ذڪر 17 سورتن (بابن) ۾ بيان ڪيو ويو آهي. پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته بهترين مال کارڪون آھي ۽ ان جو استعمال ڪيترن ئي بيمارين کان شفا بخشي ٿو. پاڻ سڳورن مسلمانن کي کارڪون کائڻ ۽ ان جي پوک ڪرڻ جي تلقين ڪئي.

دنيا ۾ کجين جو ڪل تعداد اٽڪل 11 ڪروڙ وڻ آهي. جيڪي اٽڪل 30 ملڪن ۾ ورهايل آهن، ۽ هر سال 4 کان 5 ملين ٽن کارڪون پيدا ڪن ٿيون .علائقائي ورھاست جي لحاظ کان ايشيا 6 ڪروڙ وڻن سان پهرين (سعودي عرب، بحرين، يو اي اي، ايران، عراق، ڪويت، عمان، پاڪستان، ترڪمانستان، يمن وغيره)؛ جڏهن ته آفريڪا سوا ٽي ڪروڙ وڻن سان ٻئي (الجيريا، مصر، لبيا، مالي، مراڪش، موريطانيا، نائجر، صوماليا، سوڊان، چاڊ، تيونس وغيره). ميڪسيڪو ۽ آمريڪا ۾ 7 لک وڻ، يورپ (اسپين) وٽ 32,000 ۽ آسٽريليا ۾ 30,000 کجين جا وڻ آهن. عراق لڳ ڀڳ اڍائي ڪروڙ وڻن سان سرفهرست آهي. ان کان پوءِ ايران 2 ڪروڙ ۽ سعودي عرب سوا ڪروڙ ، الجزائر ڪروڙ، مصر ۽ لبيا ستر ستر لک، پاڪستان ۽ مراڪش ۾ 4  چار لک وڻ آهن. باقي ٻين ملڪن ۾ ڏھن لکن کان گهٽ وڻ آهن. ايراضيءَ جي لحاظ کان مٿين 10 پيداواري ملڪن ۾ ايران 153,000 عراق 116,000 سعودي عرب 95,000، الجيريا 87,000،  پاڪستان 76900، مراڪش 44,400 گڏيل عرب امارات 31,005 تيونس29,480، عمان 28,000 ۽ مصر 26,000 هيڪٽر آھي. اهي 10 ملڪ دنيا جي ڪل فصل ٿيل ايراضيءَ جو لڳ ڀڳ 88 سيڪڙو آھن.

انھن ملڪن مان مصر سڀ کان وڌيڪ کارڪون پيدا ڪري ٿو.

کارڪون تمام گھڻي غذا ۽ توانائي سان ڀرپور خوراڪ ڏيندڙ غذا آهي. دنيا ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ موجوده غير يقيني صورتحال ۽ طلب ۾ متوقع واڌ کي منھن ڏيڻ لاءِ کارڪن جھڙي غذائي خوراڪ هڪ سٺو ۽ وڏو اھم ذريعو ٿي سگهي ٿو. درحقيقت، کارڪن جو ميوو غذائيت سان مالا مال ۽ ان جي غذائي قدرن جي ڪري هميشه پسند ڪيو ويو آهي .ميوي ۾ 70 سيڪڙو ڪاربوهائيڊريٽ (اڪثر ڪري شگر) تي مشتمل آهي. انسان لاءِ موجود قدرتي کاڌن مان سڀ کان وڌيڪ غذائي خوراڪ آهي. کارڪون کاڌي جي تيارين ۾ جزوي طور استعمال ڪيون وينديون آهن. ايتري قدر جو خراب ٿيل کارڪون يا خٽ واري کارڪ کي به جانورن جي کاڌ خوراڪ ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. خراب ٿيل کارڪن مان ٻاھرين ملڪن ۾ شراب، سرڪو ۽ نامياتي تيزاب وغيره تيار ڪيو ويندو آهي. کارڪن کي عام طور استعمال ڪرڻ کان علاوه انھن مان ٻيون ڪيتريون ئي شيون ٺاھيون وڃن ٿيون جهڙوڪ کارڪن جو پيسٽ، شربت، ۽ کنڊ، جيڪي گهڻو ڪري بيڪري ۽ ڪنفيڪشنري ۾ استعمال ٿين ٿيون. ان کان علاوه عام طور تي کارڪن جي ٻج کي فضول سمجي ڦٽي ڪيو ويندو آهي. عالمي طور تي 8 لک ٽن کان وڌيڪ کجيءَ جو ٻج پيدا ٿيندو آهي. جيڪو روايتي طور تي کجيءَ جو ٻج يا ته جانورن ۽ پولٽري فيڊ يا ڀاڻ طور استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪيميائي لحاظ کان کجيءَ جي ٻج ۾ 60-80٪ فائبر، 4-14٪ سيڪڙو تيل، ۽ پروٽين جو تناسب شامل آهي. کجيءَ جي ٻج ۾ موجود ضروري معدنيات جهڙوڪ پوٽاشيم ۽ ڪيلشيم کان علاوه الڪالائيڊس، فلاوونائيڊس، اينٿراڪوئنون، سيپونين، ٽيرپينائيڊس ۽ ٽينين جهڙي فائٽو ڪيميڪل جو وسيع سلسلو موجود آهن.

کارڪن جي ميوي جو صحت جي فائدن تي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته اھي مختلف بيمارين، جهڙوڪ ڪينسر، ذيابيطس جي روڪٿام ۽ دل جي بيمارين جي روڪٿام لاءِ فائديمند آهن (ڏسوچاو ۽  علوي 2017). پاڪستان ايران، مصر، عراق ۽ سعودي عرب کان پوءِ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ کارڪون پيدا ڪندڙ ملڪ آهي. هن ميوي جو عالمي پيداوار ۾ حصو 11 سيڪڙو آهي. دنيا ۾ کجين جا لڳ ڀڳ 200 کان وڌيڪ قسم آھن. مصر، عراق، ايران ۽ خليجي ملڪن ۽ پاڪستان ۾ پوکيل کجين جا ڪيترائي قسم آهن، جهڙوڪ هلاوي، زاهدي، شڪري، بصري، اجوا، اسيل، بيگم جنگي، ڍھڪي وغيره.

پاڪستان آبھوا جي لحاظ کان کجين جي بھترين جنسن جي پيداوار لاءِ موزون آهي. خاص ڪري سنڌ پنهنجي مٽي ۽ موسم جي ڪري کجين جو وڏو پوک ڪندڙ ۽ برآمد ڪندڙ آهي. پاڪستان دنيا جو پنجون/ڇھون وڏو کجور پيدا ڪندڙ ۽ پنجون وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ آهي. پاڪستان ۾ کارڪن جي پوکائي جي حوالي سان سنڌ جا خيرپور ۽ سکر ضلعا، بلوچستان جا تربت ۽ پنجگور ضلعا، خيبرپختونخوا جو ڊيرا اسماعيل خان ضلعو ۽ پنجاب جا مظفرڳڙهه ۽ جھنگ ضلعا مشھور آھن .

پاڪستان ۾ ساليانو ساڍاپنج لک کان ساڍا ڇھه لک ميٽرڪ ٽن کارڪن جي پيداوار ٿئي ٿي. جنھن مان 50 سيڪڙو صرف سنڌ صوبو پيدا ڪري ٿو. سنڌ ۾ کارڪن جي ڪل پيداوار جو 90 سيڪڙو صرف خيرپور ضلعي ۾ ٿئي ٿو. خيرپور ضلعو کجور، انب، ڪيلا ۽ ٻين فصلن جي پيداوار ۾ تمام گهڻو مشهور آهي. کارڪون علائقي جي اهم نقد فصلن مان هڪ آهن. تقريبن 80 ھزار کان ھڪ لک تائين غير رسمي مزدور سڄي موسم ۾ ٻن مهينن لاءِ سڌو سنئون محنت مزدوري ڪندا آهن. ان کان علاوه اڻ سڌي طرح ھزارين ماڻھن جو روزگار کجيءَ جي فصل سان لاڳاپيل آهي. جيتوڻيڪ کجيءَ جي فصل تي سڄو سال ٿورو گهڻو ڪم ڪار ھلندو رھندو آھي ليڪن کجي نسرڻ ۽ واڍيءَ وقت گھڻن ماڻھن کي روزگار ڏين ٿيون. خاص ڪري فصل جي ڪٽائي جي سيزن ۾ ڏورانهن ضلعن مان ھزارين مزدور کجين جي وڍائي، ميڙي، سڪائي ۽ سوئائي ڪرڻ لاءِ اچن ٿا جيڪي ڏينهن رات پڙن تي رھي مزدوري ڪندا آهن. ان کان سواءِ ڪيترائي کارا، ٽوڪرا، ڪريٽ، ٽريون، تڏا وغيره ٺاھڻ ۾ مصروف ٿي ويندا آهن مطلب ته سڌي يا اڻ سڌي طرح کجين جي سيزن ۾ خيرپور ۾ پنهنجي روزي ڪمائڻ لاءِ اچن ٿا. انهن مان وڏو تعداد روزاني جي بنياد تي مزدوري ڪري ٿو. فصل جي ڪٽائي واري پوري عرصي دوران هڪ نئون شهر کجيءَ جي سرگرمين سان آباد ٿيندو آهي، جنهن جي مدت ٻن مهينن کان وڌيڪ نه هوندي آهي. اهو ھڪ ميلي جو ڏيک ڏيندو آهي. ضلعي جي  آباديءَ جو هڪ وڏو تعداد پنهنجي آمدني کجين ذريعي حاصل ڪري ٿو. انتھائي غربت واري زندگي گذارڻ وارا ماڻھو کجين جي سيزن ۾ ٽوڪرا، تڏا، ٽريون ٺاھڻ کان علاوه پنهنجي کاڌي خوراڪ توڙي آمدني لاءِ کجين مان ڇڻيل خراب ڏوڪا يا خٽ ميڙي جمع ڪندا آهن. جيڪي ھو پنھنجي کائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ کان علاوه وڪرو به ڪندا آهن.

کجيءَ جي فصل کي، اڪثر ڪري طوفاني برساتن (مون سون) جو تمام گهڻو خطرو رھندو آھي، ڪڏهن ڪڏهن ته تيز ۽ مسلسل برساتن سبب کارڪن جي تقريبن سموري پيداوار تباهه ٿي ويندي آهي. جنھن سان ھارين، واپارين کي اڪثر گهڻو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آهي. جنھن ڪري اھي کجين تي ڪيل خرچ کي پورو ڪرڻ جي قابل نه هوندا آهن ۽ قرضن جي واپسي ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيندا آهن. آبهوا جي مسئلن کان علاوه، انھن وٽ فصلن جي ڪٽڻ، درجابندي، پيڪنگ، نقل و حمل، ۽ اسٽوريج جا ذريعا پراڻا آهن. خاص ڪري اسٽوريج سهولتن جي غير موجودگي، ٽيڪنالاجي سامان جي کوٽ، رسمي ڪريڊٽ/قرض ۽ انشورنس سھولتن جي اڻھوند، زرعي واڌ جون خدمتون، مارڪيٽنگ چينلز جي گهٽ معلومات، ڪاروبار ۽ پاليسين جي مدد جي کوٽ کجيءَ جي واپارين جي آمدنيءَ کي متاثر ڪرڻ وارا مکيه سبب آھن. نتيجي طور، پاڪستان سڄي دنيا جي پيداوار جو تقريبن 11 سيڪڙو پيدا ڪرڻ باوجود پنهنجي پيداوار جو صرف 10 سيڪڙو، خشڪ يا تازي کارڪن جي صورت ۾ برآمد ڪري ٿو. پاڪستاني کارڪن جا وڏا خريدار هندستان، انڊونيشيا، آمريڪا، برطانيه، ڪئناڊا، جرمني، ڊنمارڪ، ملائيشيا، آسٽريليا، نيپال ۽ ٿائيلينڊ آهن. پاڪستاني کارڪن جي ايڪسپورٽ جو لڳ ڀڳ 87 سيڪڙو خشڪ کارڪن تي مشتمل آهي ۽ صرف 13 سيڪڙو تازين کارڪن جي صورت ۾ برآمد ڪيو وڃي ٿو، جيڪا ملڪ ۾ کجور جي ڪل پيداوار جي 1 سيڪڙو کان به گهٽ آهي. 80 سيڪڙو کان وڌيڪ خشڪ کجيون هندستان ڏانهن برآمد ڪيون وينديون آهن، جن ۾ خاص طور تي ڇوھارا شامل آهن.

ليڪن اڪثر طور ٻنهي ملڪن جي تڪرار ڪري، (ويجھي ماضيءَ ۾ ڏٺو ويو آهي ته خاص ڪري کجين جي سيزن شروع ٿيڻ کان اڳ ٻنھي ملڪن جا تعلقات خراب ٿي ويندا آهن) پاڪستاني کارڪن جي برآمدات ۽ واپار تي هڪ وڏو اثر پوڻ سان گڏوگڏ کارڪن جي پوکي ڪندڙن لاءِ به وڏي مالي ۽ معاشي نقصان جو سبب آهي. ان صورت ۾ کارڪون يا ته مقامي طور استعمال ڪيون وينديون آهن يا ضايع ٿي وينديون آهن يا گھٽ قيمتن تي وڪرو ڪيون وينديون آهن. بھترين ڪوالٽي ھجڻ ڪري پاڪستاني کارڪن جي قومي ۽ بين الاقوامي مارڪيٽن ۾ وڏي گهرج آهي. پاڪستان جي خاص طور تي بهتر معيار جي تازي ۽ خشڪ کجين جي پيداوار ۽ معيار ۽ برآمد جي قيمت کي وڌائڻ جي اعليٰ صلاحيت رکي ٿو. ليڪن روايتي سپلائي چين عملن ۾ ڪيترين ئي رڪاوٽن، جهڙوڪ مارڪيٽن جي نامڪمل معلومات، ريگيوليٽري ميڪانزم جي فقدان سبب پاڪستان کارڪن جي برآمدات کي وڌائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.

ظاهري طور تي موثر مارڪيٽن جي غير موجودگي يا حڪومتي سهڪار جي کوٽ يا رڪاوٽون ۽ رنڊڪون آهن جيڪي پنهنجي برآمدات ۽ تجارتي قدر کي وڌائڻ جي حڪمت عملي تي اثرانداز ٿي رهيون آهن. کجين جي پيداوار، مٽا سٽا ۽ ورڇ سان لاڳاپيل سپلائي چين مينيجمينٽ جو مطلب کجين جي پيداوار ۽ آبادگارن، هارين ۽ صارفين جي وچ ۾ پيچيده تعلق جو انتظام ڪرڻ، ڪريڊٽ مارڪيٽ تي انحصار ڪرڻ، ۽ مشروط قرض وٺڻ جي نتيجي ۾ آبادگارن کي مجبور ڪيو وڃي ٿو ته اهي پنهنجون کارڪون ڪميشن ايجنٽن کي گهٽ قيمت تي وڪڻن؛ اهي معاهدي جي ذميوارين جي ڪري بهتر قيمتن جو انتظار نٿا ڪري سگهن يا اهي ٻئي ايجنٽ کي وڪرو نٿا ڪري سگهن. علائقي ۾ مارڪيٽون روايتي سپلائي چين ميڪانزم جي بنياد تي ڪم ڪري رھيون آھن جيڪو مضبوط طور تي علائقي جي سماجي اقتصادي جوڙجڪ سان ڳنڍيل آهي. حڪومت کي گهرجي ته کارڪن جي پيداوار ۽ برآمد سان لاڳاپيل رڪاوٽن کي دور ڪري ته جيئن فصل جي برآمدات کي وڌايو وڃي. جنھن سان ملڪ ۾ کجي پيدا ڪندڙ علائقي جي ماڻهن کي غربت کان نجات ڏياري سگھجي.