خيبر پختونخواهه هڪ ڀيرو ٻيهر نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ کٽي ورتو

0
220

لاهور (اسپورٽس نيوز) خيبر پختونخواهه جي ٽيم نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جو ڪامياب دفاع ڪندي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.لاهور ۾ کيڏيل ايونٽ جي فائنل ۾ خيبر پختونخواهه جي ٽيم سينٽرل پنجاب کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.فائنل ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي سينٽرل پنجاب جي ٽيم 20هين اوور ۾ 148 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.

سينٽرل پنجاب طرفان احمد شهزاد 48 ۽ ڪامران اڪمل 42 رنسن سان اڳڀرا رهيا، جڏهن ته ڪي پي طرفان ڪپتان افتخار احمد ۽ محمد عمران 3-3 وڪيٽون حاصل ڪيون.جواب ۾ ڪي پي جي ٽيم مليل هدف سولائي سان 17 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.ڪي پي جو ڪپتان افتخار احمد 45 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ڪامران غلام 37 ۽ صاحبزاده فرحان 26 رنسون ٺاهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار نڀايو.خيبر پختونخواهه جي ڪپتان افتخار احمد کي ميچ ۽ ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.