خيبرپختونخواه جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ بجيٽ کان اڳ ئي واڌ جو اعلان!!

0
254

پشاور: خيبر پختونخواه جي وڏي وزير محمود خان وڏو اعلان ڪندي صوبائي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، وڏي وزير چيو ته اها واڌ پهرين جون کان لاڳو ٿيندي. وڏي وزير محمود خان چيو ته ايندڙ بجيٽ م ملازمن کي ايڊهاڪ رليف پڻ ڏنو ويندو. هن چيو ته مشڪل مالي صورتحال جي باوجود صوبائي ملازمن جون پگهارون وڌائي رهيا آهيون، صوبائي حڪومت ملازمن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.