خيبرپختونخواهه ۾ برسات ۽ برفباري: مختلف واقعن ۾ 7 ڄڻا فوت، 16 زخمي

0
154
خيبرپختونخواهه ۾

ڪراچي (م ڊ ) خيبرپختونخواهه ۾ برساتن ۽ برفباري جي مختلف واقعن ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 16 زخمي ٿي پيا، پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) برساتن سبب ٿيل نقصان جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته برساتن ۽ برفباري سبب 15 گهرن کي جزوي ۽ هڪ گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي

پي ڊي ايم اي موجب ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارا بند روڊن جي بحالي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن،   اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (پي ڊي ايم اي) پڻ شانگلا جي متاثر علائقي جو دورو ڪيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي متاثرن کي فوري معاوضو ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي

ٻئي طرف پوليس موجب اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ جا سمورا رستا ٽريفڪ لاءِ بحال ڪيا ويا آهن ۽ رزمڪ کان ڊنگين روڊ کي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي

 پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڏکڻ وزيرستان جي بارڊر ڏانهن ويندڙ روڊ کي برف مان صاف ڪيو پيو وڃي ۽ ڪنٽينرز کي گذرڻ لائق بڻايو پيو وڃي، ان سان گڏ برف ۾ ڦاٿل سياحن ۽ گاڏين کي ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي پئي وڃي

ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) عقيق حسين موجب سياحن کي برف ۾ گاڏي هلائڻ جي حوالي سان هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته رزمڪ پوليس اسٽيشن کي سياحن لاءِ کوليو ويو آهي، جتي کين چانهه، کاڌو ۽ گرم بسترن جون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن

ھي به پڙھندا

مري ۾ شديد برفباري سبب ھڪ ئي خاندان جي 8 ڀاتين سوڌو 21 سياح اجل جو شڪار، امدادي سرگرميون جاري