سنگاپور (انٽرسٽنگ نيوز) سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو اڳيان آئي آهي جنهن ۾ هڪ خوفناڪ ارڙ بلا کي بجلي جي تار ۾ ويڙهيل ڏيکاريو ويو آهي. اهڙي وڊيو سنگاپور جي علائقي جِن ليڪر جي آهي، جتي لائٽنگ لاءِ لڳايل تار سان هڪ وڏي ارڙ بلا ويڙهيل آهي. وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيترائي ماڻهو ارڙ بلا کي ڏسڻ جي لاءِ گڏ ٿي ويا آهن. رپورٽن موجب ارڙ بلا کي ڪنهن حادثي کان بچائڻ لاءِ ايڪرس وائلڊ لائف ريسڪيو جي اهلڪارن ڪافي دير تائين ڪوششون ڪيون ۽ ان کي هيٺ لاهڻ لاءِ آپريشن ڪيو. پر وڏين ڪوششن کانپوءِ به جڏهن ارڙ بلا کي نه ڇڏائي سگهيا ته ريسڪيو ٽيم تار هيٺ ڇڪي ارڙ بلا کي ڇڏائڻ جو فيصلو ڪيو. وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ريسڪيو اهلڪارن روشني لاءِ گلي ۾ لڳايل تار کي پهريان هيٺ ڇڪيو ۽ پوءِ ارڙ بلا کي ان کان جدا ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.