خوشي جو اصل مطلب ڇا آهي؟شاهد ڪپور ٻڌائي ڇڏيو

0
627

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ جي مشهور اداڪار شاهد ڪپور خوشي جو مطلب واضه ڪندي ٻڌايو ته خوشي ڪا تڪليف نه هجڻ جو نالو نه آهي.شاهد ڪپور انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن کي هن خوشين جي تصوير جو نالو ڏنو آهي، هيءَ تصوير ترڪي جي مشهور مصور عابدين ڏنو جي تخليق ڪيل آهي.اداڪار تصوير جي ڪيپشن ۾ لکيو ته هڪ ڀيري ترڪي جي شاعر ناظم حڪمت پنهنجي دوست(عابدين ڏنو) کي خوشين جي تصوير ٺاهڻ جو چيو.هن مڪمل فيملي جي تصوير ٺاهي جتي چهري تي مسڪراهٽ سان گڏ وسندڙ ڇت هيٺان ڀڳل بستري تي سڀئي گڏ آرام ڪري رهيا آهن.