خوشاب (م ڊ) خوشاب ۾ ڀيڻ جو قتل ثابت ٿيڻ تي ڀاءُ کي 25 سال قيد ۽ لکين رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. ايڊيشنل سيشن جج خوشاب ڀيڻ جي قاتل ڀاءُ کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 25 سال قيد ۽ 3 لک رپيا ڏنڊ جي سزا جو حڪم ٻڌايو. پوليس موجب بهاري اولهه ڳوٺ ۾ جوابدار ڀيڻ کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو، 2020 ۾ جنڊانوالا ٿاڻي پنهنجي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو هو.