پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ۾ ٻوڏ متاثرن پاران وفاقي وزير خورشيد شاهه جي رستا روڪ، برسات متاثرن رليف نه ملڻ تي وفاقي وزير جي گاڏي روڪي شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، وڊيو وائرل ٿي وئي. خبر موجب وفاقي وزير خورشيد شاهه گذريل ڏينهن سلطانپور ڀرسان گذريو ته ڳوٺ صالحاڻيءَ جي برسات متاثرن سندس گاڏيءَ جو گهيراءُ ڪري ورتو. ڳوٺاڻن وفاقي وزير جي رستا روڪ ڪندي دانهيو ته سندن گهر ڊهي پيا آهن، اهي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن پر کين ڪو رليف نه مليو آهي. متاثرن دانهيندي چيو ته اوهان سان گڏ ويٺل ماڻهو سڄو مال کائي ٿا وڃن. اسان جي ڪابه واهر نه پئي ٿئي. اوهان صرف ووٽ وٺڻ ايندا آهيو. ڳوٺاڻن جي احتجاج دوران خورشيد شاهه متاثرن  کي جلد واهر ٿيڻ جا دلاسا ڏئي روانو ٿي ويو.