ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ خوراڪ کاتو ڪڻڪ سيزن جا 50 ڏينھن گذرڻ باوجود رڳو 35 سيڪڙو خريداري ڪري سگهيو، اٽي بحران جو خدشو، ان ڏس ۾ سنڌ سرڪار هيل ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4000 رپيا في مڻ مقرر ڪري خريداري جوگذريل سال وارو ساڳيو ٽارگيٽ 14 لک ٽن مقرر ڪيو هو، 26 اپريل تائين خوراڪ کاتي جا خريداري سينٽر  4 لک 95 ھزار 587 ٽن ڪڻڪ خريد ڪري سگھيا هئا، ان حوالي سان مليل رپورٽ موجب حيدرآباد ضلعي ۾ 5 ھزار مان رڳو 1459 ٽن،  مٽياري ضلعي ۾ 20 ھزار مان 6709، ٽنڊي الھيار ۾ 10 ھزار مان 2738، ٽنڊي محمد خان ۾ 5 ھزار مان، 1338، بدين ۾ 10 ھزار مان 1067، ٺٽي ضلعي ۾ 7 ھزار مان 3600، دادو ۾ ھڪ لک  مان 50158 ، ڄامشوري ۾ 40 مان 16217، ميرپورخاص ۾ 30 ھزار مان 3207 ، عمر ڪوٽ ۾ 15 ھزار مان 3749 ، ٿرپارڪر ۾ 1500 مان 1100 ٽن،  شھيد بينظير آباد ۾ سوا لک مان 41795 ٽن، نوشھري فيروز ۾ ھڪ لک 45 ھزار مان 60657 ، سانگھڙ ۾ ھڪ لک 10 ھزار مان 39205  ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي وئي آھي، سکر ضلعي ۾ 85 ھزار مان 30940 ، گھوٽڪي ۾ ھڪ لک 31 ھزار مان رڳو 30832، خيرپور ۾ ڏيڍ لک مان 80329، لاڙڪاڻي ۾90 ھزار مان 44321، قمبر ۾ ھڪ لک 40 ھزار مان 41474، شڪارپور ۾ 45 ھزار مان 9731،  جيڪب آباد ۾ 50 ھزار مان 9482 ڪشمور ۾ 85 ھزار مان 15373 ٽن خريداري ڪئي وئي آھي، ذريعن  جو چوڻ آهي ته هن وقت لوئر سنڌ جي ڪڻڪ اوپن مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿي چڪي آهي، جنهن سبب خوراڪ کاتي لاءِ 14 لک ٽن ڪڻڪ خريداري جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ  ڏکيو ٽاسڪ هوندو، ذريعن موجب  ڪڻڪ خريداري  جوٽارگيٽ حاصل نه ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌ ۾ اٽي جو بحران ٿي سگهي ٿو.