خود پسندي انسان ۾ فطري آهي .. ورثا پيرزادو

0
253
خود پسندي انسان ۾ فطري آهي .. ورثا پيرزادو

 اھي ماڻھو جن کي پنھنجي سوشل سرڪل ۾ سڀ کان وڌيڪ پذيرائي ملندي آھي، پاڻ کي بھتر سمجھڻ لڳندا آھن. ھو پنھنجي پاڻ تي فخر ڪرڻ لڳندا آھن ۽ آهستي آهستي پنھنجي سرڪل مان ھر ماڻھو کي ڪمتر سمجھڻ لڳندا آھن. نتيجي ۾ ان سرڪل مان ڪٽجي ڌار ٿي ويندا آھن. ان ۾ گھڻا مثال آھن پر جي ذڪر ڪيو ته فتوائون جاري ٿي وينديون، مشھور فلسفين ۾ ارسطو جڏھن علم جي ان حد تائين پھتو جتي ايٿنز شھر جو ڪو ٻيو ماڻھو نه پھچي سگھيو ھيو. دنيا کي فتح ڪندڙ دي گريٽ اليگزينڊر جو استاد مقرر ٿيو ته افلاطون کي نظر انداز ڪرڻ لڳو. پنھنجي لکڻين ۾ افلاطون تي تنقيد پڻ ڪيائين. دي ھسٽري آف فلاسافي پڙھي اندازو ٿيو آخري وقت ۾ ارسطو ۽ افلاطون جو تعلق سٺو نه رھيو. ھڪ فلسفي چيو آھي خود پسندي انسان ۾ فطري آھي. (فيس بوڪ وال تان ورتل)