خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ شخص جي سزا ختم ڪرڻ بابت بل سينيٽ مان منظور

0
273
خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ
خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ شخص جي سزا ختم ڪرڻ بابت بل سينيٽ مان منظور

سينيٽ ڪرمنل لا ترميمي بل منظوري ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ قيدين کي رليف ملڻ جا امڪان آهن

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر  شهادت اعوان ڪرمنل لا ترميم بل پيش ڪيو

بل جي متن موجب آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ شخص جي سزا ۽ ڏنڊ ختم ڪئي ويندي

سينيٽر شهادت اعواڻ جو چوڻ آهي ته آپگهات جي ڪوشش هڪ بيماري آهي، اهڙن ماڻهن کي سزا نه پرڻ سندن علاج ٿيڻ گهرجي