خواهش آهي ته مدو پورو ڪرڻ کان اڳ 2 ٽيمون ٺاهيان، پرفارمرز کي ضرور موقعو ملندو: شاهد آفريدي

0
358
خواهش آهي ته مدو پورو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي عبوري سليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين شاهد آفريدي چيو آهي ته ڪوشش هوندي ته بائونسي وڪيٽ ٺاهيون، نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف جن پچز تي کيڏيو آهيان ان سان اسان جي ڪرڪيٽ اڳتي نه وڃي سگهندي، ڊيڊ پچز سان اسان جي بالرن کي نقصان ٿيندو

خواهش آهي ته مدو پورو ڪرڻ کان اڳ 2 ٽيمون ٺاهيان ته جيئن بينچ مضبوط ٿئي. سليڪشن ڪميٽي جي سربراهه چيو ته وڪيٽس جو معائنو ڪيو ۽ ڪيوريٽر کان به راءِ ورتي آهي، اسان وٽ تجربيڪار ٽيم موجود آهي

رانديگرن سان گڏيل طور ڳالهيون ڪري اندازو ٿيو ته مسئلو ڪهڙو آهي، ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. شاهد آفريدي چيو ته اهو درست ناهي ته اڪيلو شو هلائي رهيو آهيان، قومي ٽيم جو ڪپتان بابراعظم ڪرنگهي جي هڏي برابر آهي

هن چيو ته سليڪشن ڪميٽي چيئرمين جو رانديگرن سان سڌو رابطو ضروري آهي، حارث رئوف ۽ فخر زمان سان پاڻ رابطو ڪري هنن جو ٽيسٽ ورتو، اسان بابراعظم کي سپورٽ ڪنداسين پر جيڪڏهن انصاف نه ڪري سگهيس ته منهنجو ڪم مڪمل نه ٿيندو

هن چيو ته نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽسٽ جي ٻي اننگز ۾ بابراعطم طرفان اننگز ڊڪليئر ڪرڻ جو فيصلو سٺو لڳو، جيستائين مان عهدي تي موجود هوندس پرفارمرز کي موقعو ضرور ملندو، ڊگهي عرصي لاءِ سليڪشن ڪميٽي جون ذميواريون جٿو نڀائي سگهان.