خواهش آهي ته عام ماڻهوءَ تي بار نه پوي پر آءِ ايم ايف ڪجهه ٻيو چاهي ٿو: ناڻي واري مملڪتي وزير

0
295
خواهش آهي ته عام ماڻهوءَ

اسلام آباد: ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو آهي ته خواهش آهي ته عام ماڻهوءَ تي بار نه پوي پر آءِ ايم ايف ڪجهه ٻيو چاهي ٿو، آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ وڃڻ لاءِ آءِ ايم ايف جون سموريون ڳالهيون مڃڻيون پونديون، سخت فيصلا به ڪرڻا پيا ته ڪنداسين

ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا سينيٽ جي ناڻي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ غير معمولي صورتحال آهي، اها توقع نه رکو ته زندگي اڳ جيان معمول موجب هلندي، اسان هڪ بحران مان گذري رهيا آهيون، اسان وٽ ڊفالٽ ٿيڻ کان بچڻ جا پلان موجود آهن ۽ سخت فيصلا ڪرڻا پيا ته ڪنداسين

سعودي عرب جو آئينده ڪنهن به ملڪ کي غير مشروط پرڏيهي امداد نه ڏيڻ جو اعلان

اپنی معیشت بڑھانےکےساتھ ساتھ عالمی معیشت کی مدد پربھی کام کررہے ہیں: سعودی وزیر خزانہ کا ورلڈ اکنامک فورم سے خطاب/ فائل فوٹو

ٻئي پاسي پاڪستان جي لاءِ ڳڻتيءَ جوڳي خبر آهي، سعودي عرب آئينده ڪنهن به ملڪ کي غير مشروط پرڏيهي امداد نه ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، سعودي عرب جي ناڻي واري وزير محمد الجدعان ورلڊ ايڪانامڪ فورم ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان امداد جو طريقيڪار تبديل ڪري رهيا آهيون

هن چيو ته سعودي عرب هاڻي غير مشروط پرڏيهي گرانٽس نه ڏيندو، اسان پرڏيهي ملڪن کي امداد ڏيڻ جو طريقو تبديل ڪري رهيا آهيون، اسان پنهنجن ماڻهن تي ٽيڪس لڳائي رهيا آهيون ۽ ٻين مان به اهڙي توقع رکون ٿا

سعودي عرب جي ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته اسان مدد ڪرڻ چاهيون ٿا پر چاهيون ٿا ته ٻيا به پنهنجو ڪردار ادا ڪن، اسان خطي لاءِ هڪ رول ماڊل ٿيڻ چاهيون ٿا ۽ پنهنجي ڀرپاسي موجود ملڪن کي سڌارن لاءِ اتساهي رهيا آهيون

هي به پڙهندا

وزيراعظم بجلي ۽ گئس مهانگي ڪرڻ ۽ مني بجيٽ آڻڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي