اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن 271 پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي.معطل ڪيل ميمبرن ۾ قومي اسيمبلي جا 136 ميمبر ۽ 21 سينيٽر شامل آهن، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جي 48، خيبر پختونخواهه جي 54، بلوچستان اسيمبلي جي 12 ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪئي وئي، ميمبرن جي رڪنيت سالياني گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تي معطل ڪئي وئي،معطل ٿيل ميمبرن ۾ احسن اقبال، فواد چوڌري، مراد سعيد، زرتاج گل، طارق بشير چيما، اسد عمر، عمر ايوب، شوڪت ترين، عبدالغفور حيدري، احمد خان، ثانيه نشتر، انوار الحق ڪاڪڙ، اسد قيصر، عمر ايوب، نور عالم خان، شهريار آفريدي، نور الحق قادري، غلام سرور خان، خواجا آصف، محسن رانجها، شفقت محمود، ڪنول شوزب، عندليب عباس شامل آهن.سنڌ سان تعلق رکندڙ سينيٽر تاج حيدر، سيد وقار مهدي، ڄام مهتاب حسين ڏهر، سيف الله ابڙو، رخسانه زبيري به معطل ٿيندڙن ۾ شامل آهن جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ سنڌ مان چونڊيل ايم اين ايز ۾ عابد حسين ڀيو، عامر مگسي، سردار محمد بخش مهر، نعمان اسلام شيخ، پير فضل شاهه جيلاني، غلام مصطفيٰ شاهه، منور ٽالپر، پير امير علي شاهه جيلاني، نويد قمر، فهميده مرزا، عرفان لغاري، عبدالحڪيم بلوچ، فهيم خان، سيف الرحمان، محمد عالمگير خان، علي حيدر زيدي، شڪور شاد، آفتاب جهانگير، شميم آرا پنهور، شاهده رحماني، جئه پرڪاش جي به رڪنيت معطل ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن موجب معطل ميمبر اسيمبلي اجلاسن ۾ شريڪ نه ٿي سگهندا، اعتماد جي ووٽ سميت قانون سازي ۾ به معطل ميمبر شريڪ نه ٿيندا. اليڪشن ڪميشن اسيمبلي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين کي معطل ميمبرن جي فهرست موڪليندي.