ڪراچي: ايم ڪيو ايم جي خواجا اظهار سنڌ  جي وڏي وزير کي حڪومتي اتحاد ۾ اچڻ ۽ بجيٽ تقرير ۾ ٿورا نه مڃڻ جي ميار ڏني. سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي خواجا اظھارالحسن چيو ته عوام جي قسمت جا فيصلا انقلابي سياست ذريعي ٿيندا آھن، جيڪڏھن چونڊ سياست جو سسٽم ساڳيو رھيو ته ھن ايوان مان تبديلي جي ڪابه اميد نه ٿي رکي سگھجي، هن چيو ته  وڏو وزير پنھنجي تقرير دوران اسان جو ذڪر ڪرڻ وساري ويو آھي، هن چيو ته  اڳوڻو  وزير اعظم به ستن سيٽن تي ھو،  موجوده وزيراعظم به ستن سيٽن تي ويٺل آھي 2008 ع ۾ بجيٽ 260  ارب ھئي ان وقت به صوبي کي ھلايو ويو،  ھن وقت 1700 رپين جي بجيٽ ۾ به حڪومت ھلائي نٿاسگھن، اوھان جون اسڪيمون چئن پنجن سالن جون ھونديون آھن،  ھر ايندڙ حڪومت پوئين حڪومت مٿان الزام ھڻندي آھي،  ڪابه حڪومت ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ھوندي آھي،  عوام پنھنجي نصيب خاطر انھن جون ڳالھيون ٻڌندو آھي، هن چيو ته ننڍن ملازمن کي پيٽرول ۾ سبسڊي ڏني وڃي،جڏھن ته گريڊ 16 کان 22 جي آفيسرن کان سبسڊي واپس ورتي وڃي.