ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا ايشل فياض مشھور لکيڪ خليل الرحمان قمر سان شادي جي افواھن تي وضاحت ڏئي ڇڏي، ايشل فياض ٻين اداڪارائن سان گڏ ھڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ شريڪ ٿي ۽ ان دوران خليل الرحمان قمر سان شادي جي افواھن تي رد عمل جو اظھار ڪيو، اداڪارا چيو ته خدا ڄاڻي ٿو ته مون کي ڪا به خبر ناھي، اھا ڳالھ ڪٿان کان پکڙجي وئي پر خليل صاحب سان شادي جون خبرون ٻڌي پنھنجي ڪمري ۾ روئيندي رھيس، مون کي سمجھ ۾ نه آيو ته ڇا ڪريان، ايشل ٻڌايو ته مون کي والدا چيو ته سامھون وڃ ۽ وضاحت ڏئي ڇڏ، انٽرويو دوران سڀ ڪجھ ڪليئر ڪيو. ھاڻ به خليل الرحمان قمر جي اھم اسڪرپٽ تي ڪم ڪري رھي آھيان.