کپرو: احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن عبد الله هنڱورجو، حڪيم هنڱورجو، حاڪم هنڱورجو ابراهيم ۽ ٻين ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته خليفي احمد راڄڙ جي گجو برادري مان شادي ٿيل آهي، جنهن ڪري انهن جي چوڻ تي هو اسان کي لڏائڻ چاهي ٿو، هنن چيو ته موچارو گجو جي چوڻ تي هن اسان جو هٿ بند ڪرايو آهي، 11 سالن کان عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون، هنن چيو ته خليفو اسان کي چئي رهيو آهي ته اوهان زمين موچاري گجو کي ڏئي هتان هليا وڃو.