سرحد (ن پ ا) مڙس کان خلع وٺڻ تان سرحد جي رهواسڻ عورت کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، متاثر ناري سرحد ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائڻ بعد انصاف لاءِ پريس ڪلب پهچي وئي. خبرموجب گهوٽڪي جي رهواسڻ ناري غزالا سومرو پيرسن والد عبدالله سومرو سان گڏ سرحد پريس ڪلب پهچي صحافين کي ٻڌايو ته سندس مڙس منظور سومرو سخت تشدد ڪندو رهندو هو، سندس ظلمن کان تنگ ٿي خلع لاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، جنهن تي مڙس ڪاوڙ ۾ اچي والدين جي گهر حملو ڪري سخت تشدد ڪري زخمي ڪيو. اهڙو ڪيس ميرپورماٿيلو جي عدالت ۾ هلندڙ هو، گذريل ڏينهن عدالت مان حاضري بعد واپس اچي رهي هيس ته سرحد ويجهو سفاري پارڪ وٽ جوابدار منظور سومري ساٿين سان گڏجي حملو ڪري کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي. مزاحمت تي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو. اهڙي رپورٽ سرحد ٿاڻي تي پڻ درج ڪرائي آهي. هن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدار کي گرفتار ڪري والدين ۽ مون کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.