خلا ۾ شمسي توانائي جي تياري جو منصوبو

0
204
انجيڪشن جو خوف، علامتون ۽ علاج

 شمسي توانائي متبادل توانائي جي سلسلي جي سستي ۽ صاف توانائي آهي پر اتي موجود هوندي جتي سج هوندو. پر سج هميشه خلا ۾ موجود رهي ٿو، پوءِ جيڪڏهن اتي بجلي پيدا ڪري زمين تي موڪلي وڃي ته ڇا ٿيندو؟ يورپي سائنسدانن نيٺ ان قسم جي منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

                 جڏهن دنيا سولر انرجي جي حوالي سان ايتري پرجوش آهي ته هر ملڪ سڀ کان وڏو سولر پاور پلانٽ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته پوءِ اهو سوال اڀري ٿو ته سج هر وقت ڪٿي موجود هوندو آهي، يعني توانائي کي سڌو سنئون خلا ۾ ئي تيار ۽ ذخيرو ڪري ڌرتي تائين سپلاءِ ڪري سگهجي ٿو يا نه.

                 يورپي اسپيس ايجنسي (اِي ايس اَي) هن سلسلي ۾ هڪ اهم قدم کڻڻ جي تياري ڪري رهي آهي. ايجنسي جا فلڪيات وارا ماهر اهو معلوم ڪرڻ چاهين ٿا ته ڇا بجليءَ کي سڌو سنئون خلا مان صارفين جي گهرن تائين منتقل ڪري سگهجي ٿو يا نه؟

                 ان حوالي سان هڪ مطالعو شروع ڪيو پيو وڃي، جنهن منصوبي لاءِ اداري کي گھربل اجازت جلد ئي ملي ويندي.

ٽن سالن جي ڊگهي مطالعي جي دوران اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته خلا ۾ وڏا سولر فارم ٺاهڻ ڪيتريقدر ممڪن هوندو ۽ انهي تي ڪيترو خرچ ايندو.

سائنسدان چاهين ٿا ته وڏا وڏا سيٽلائيٽ ڌرتيءَ جي مدار ۾ نصب ڪيا وڃن. انهن سيٽلائيٽس تي ايترا ئي وڏا سولر پينل به لڳائڻ گهرجن جيڪي پاور پلانٽ وانگر بجلي پيدا ڪري سڌو سنئون صارفن جي گهرن تائين پهچائي سگھن.

اهو خيال نئون ناهي ۽ ان کان اڳ ڪيترائي ادارا ۽ خلائي ايجنسيون ان تي ڪم ڪري چڪيون آهن. پهريون ڀيرو، هن خيال کي يورپي خلائي ايجنسي پاران هڪ منصوبي جي صورت ۾ مضبوط ميدان مليو آهي.

اي ايس اي جي مطابق، مٿين ماحول ۾ شمسي شعاعن جي شدت ڌرتيءَ جي مٿاڇري کان ڏهه ڀيرا وڌيڪ آهي ۽ اها هر وقت موجود رهي ٿي. اي ايس اي جي ويب سائيٽ تي شايع ٿيل آرٽيڪل ۾ چيو ويو آهي ته اهو خيال ڪافي عرصي کان موجود آهي، پر 2050ع تائين يورپ جي خالص ڪاربان واري اخراج جي هدف ان طرف ڪم ڪرڻ لاءِ نئون اتساهه ڏنو آهي.

اي ايس اي جي مطابق خلا مان زمين تائين سڌي ريت بجلي جي سپلاءِ جي باري ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري تحقيق جي نتيجي ۾ ڪيترا ئي الڳ الڳ ڊزائن سامھون آيا آهن. ان قسم جي مختلف ڊزائنن ۾ شمسي توانائي کي فوٽو وولٽڪ سيلز جي ذريعي زمين جي مدار ۾ بجلي ۾ تبديل ڪيو ويندو جنهن کان پوءِ اها بجلي 2.45 گيگا هرٽز جي فريڪوئنسي تي مائڪرو ويوز جي شڪل ۾ زمين تي ڪنهن ريسيور کي وائرليس طور موڪلي ويندي.

انهن ريسيورن کي ريڪٽينا سڏيو ويندو آهي جيڪي مائڪرو ويڪرو مان حاصل ڪيل توانائي کي واپس بجلي ۾ تبديل ڪندا آهن. ان کانپوءِ اهي مقامي پاور هائوسز ڏانهن موڪليا ويندا. اي ايس اي جو چوڻ آهي ته،“جيئن ته بجلي بغير ڪنهن تار جي منتقل ڪئي ويندي، ان کي وصول ڪندڙ اسٽيشنن ذريعي ڪنهن به هنڌ جهڙوڪ چنڊ يا ٻين هنڌن تي موڪلي سگهجي ٿو. ان طريقي سان موجود توانائي اسان جي خلائي تحقيق جي صلاحيتن کي وڌائي سگهندي.“

فزڪس جون ٽيڪنيڪ ۽ قانون جن تي خلا ۾ بجلي گڏ ڪرڻ ۽ ان کي زمين يا ڪنهن ٻي جاءِ تي موڪلڻ جو سمورو نظام جاري آهي، اهي اڳ ۾ ئي موجود آهن ۽ ڪا نئين شيءَ ايجاد ڪرڻ جي ضرورت ناهي. اڄ به ٽي وي سگنلز ۽ ٻين قسمن جا ڪميونيڪيشن سگنل سيٽلائيٽس جي وسيلي  زمين ڏانهن موڪليا وڃن ٿا. اهي سيٽلائيٽ جن مان اهو ڪم ورتو پيو وڃي بنيادي طور تي ريسيور ڏانهن شعاع يا ڪرڻا موڪلڻ جي اصول تي ڪم ڪن ٿا. البته هن وقت اهو ڪم ننڍي پيماني تي ٿي رهيو آهي ۽ بجلي پيدا ڪرڻ ۽ موڪلڻ لاءِ اهو سڄو عمل تمام وڏي پيماني تي ڪم ڪرڻو پوندو.

اي ايس اي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته “گهٽ قيمت تي شمسي توانائي پيدا ڪرڻ جو سڀ کان وڏو چئلينج اهو آهي ته زمين ۽ خلا ۾ جيڪو انفراسٽرڪچر ٺاهڻو پوندو، اهو تمام وڏو هوندو، جيڪو هڪ ڪلوميٽر ڊگهو ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته ڌرتي تي ان جو ريسيور وري ان کان ڏهه ڀيرا وڏو ٿي سگهي ٿو.“

اهو ڪو آسان ڪم نه هوندو. ڌرتيءَ جي مدار ۾ انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن ٺاهڻ لاءِ خلائي جهازن کي ڪيترا سارا سفر ڪرڻا پوندا. بين الاقوامي خلائي اسٽيشن جو وزن اٽڪل 4.5 لک ڪلوگرام آهي ۽ ان جي ڊيگهه صرف 108 ميٽر آهي. پوءِ ان کان ڏهه ڀيرا وڏي ڍانچي ٺاهڻ لاءِ تمام گهڻو مواد ۽ توانائي لڳندي. ان تي خرچ به وڌيڪ هوندو، تنهن ڪري خلا مان جيڪا بجلي ملندي، اها ايتري سستي نه هوندي جيتري ضرورت هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اهو خيال ايتري عرصي تائين موجود هئڻ جي باوجود عمل ۾ نه اچي سگهيو.

جڏهن ته، اي ايس اياهو  موجب، هاڻي خرچ ايترو وڌيڪ نه ٿيندو جيترو هن وقت تائين اندازو لڳايو ويو هو. اي ايس اي ماهر چون ٿا، “ڌرتي کان سيٽلائٽ وغيره لانچ ڪرڻ جي خرچ ۾ سڄي دنيا ۾ گهٽتائي ٿي آهي، تنهنڪري هن قسم جي تعمير جو خرچ به هاڻي قابل برداشت ٿي پيو آهي ۽ جنهن جو، آخري نتيجو هڪ اهڙو ذريعو هوندو جيڪو مسلسل صاف توانائي فراهم ڪندو.“

خلا ۾ جنهن سولر پلانٽ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، اهو  اٽڪل ٻه گيگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي قابل هوندو. ايتري بجلي جو هڪ روايتي ائٽمي پلانٽ پيدا ڪري ٿو ۽ هڪ لک کان وڌيڪ گهرن کي روشن ڪري سگهي ٿو.