خلا مان ڪرندڙ راڪيٽ جي ٽڪرن کان انسانن جي تحفظ جو معاملو

0
101
فضائي آلودگي جا ويم تي اثر

  پنهنجي تازي تحقيق مان محققن کي معلوم ٿيو آهي ته ايندڙ هڪ ڏهاڪي ۾ خلا ۾ لانچ ڪيل مختلف مشنن، اپگرهن ۽ راڪيٽن جا حصا ڌرتي تي ڪرڻ وارا آهن ۽ خدشو آهي ته اهي ٽڪرا ڪنهن به انسان کي لڳي انهيءَ کي نقصان پهچائي سگھن ٿا.

                 اها هڪ حقيقت آهي ته خلا ۾ موڪلجندڙ راڪيٽن جا ٽڪرا واپس ڌرتي تي ڪري انسانن کي نقصان به رسائي سگھن ٿا. ايئن بلڪل ممڪن آهي. يونيورسٽي آف برٽش ڪولمبيا (يو بي سي) طرفان ڪرايل هڪ نئين ريسرچ ۾ مان خبر پئي آهي ته ايندڙ هڪ ڏهاڪي جي دوران خلا ۾ لانچ ڪيل راڪيٽن جا حصا واپس ڌرتي تي ڪري سگھن ٿا ۽ انهن جي ڪري ڪنهن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ماڻھن کي نقصان پهچي سگھي ٿو. ان جي نتيجي ۾ ڪيئي انسان زخمي يا هميشه لاءِ معذور  به ٿي سگھن ٿا ته وري موت جو شڪار به ٿي سگھن ٿا.

                 محققن کي ان سلسلي ۾ پورو پورو اندازو آهي ته اهي ٽڪرا انسانن کي گهرا زخم ڏئي سگھن ٿا يا انهن جي ڏنل زخمن جي سبب انهن جو نشانو ٿيندڙ ماڻھو معذوري جا شڪار يا پوءِ مري به سگھن ٿا. تحقيق مطابق اهڙي نقصان جا امڪان گھٽ  ۾ گھٽ  10 سيڪڙو تائين آهن. ڏٺو وڃي ته پوين ڪيترن ئي ڏهاڪن وارا پرزا، اپگرھه، ۽ ايتريقدر جو خلائي اسٽيشنون به پنهنجا مشن پورا ڪرڻ کان پوءِ واپس ڌرتي تي ڪري رهيون آهن. جيتوڻيڪ اڄ تائين خلا مان ڪرڻ واري ان ملبي سبب ڪنهن جو به موت نه ٿيو آهي پر تڏهن به معلوم ٿيو آهي ته 1997ع ۾ هڪ شخص پارڪ ۾ گھمندي وقت ان ملبي جي لپيٽ ۾ اچي ويو هو.

حقيقت اها آهي ته جيئن جيئن خلائي ترقي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي تيئن تيئن اڳي جي ڀيٽ ۾ خلا ۾ راڪيٽ ۽ اپگرھ وغيره لانچ ڪرڻو سلسلو به تيز ٿي رهيو آهي. ايئن لڳي رهيو آهي ته دنيا وارن جي وچ ۾ خلا تي قبضي جي جنگ مچي وئي آهي. سائنسدانن جي راءِ آهي ته اهو لاڙو مستقبل ۾ به جاري رهي سگھي ٿو.  اهڙي صورتحال ۾ “نيچر ايسٽرنامي” ۾ شايع ٿيل هن نئين تحقيق ۾ محققن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ اهڙين شين جي ڪرڻ سبب ماڻھن جي مارجڻ جو خدشو ڏيکاريو آهي. پنهنجي تحقيق ۾ سائنسدانن موجوده دور ۾ لانچ ٿيڻ وارن راڪيٽن ۽ ايندڙ وقت ۾ لانچ ٿيڻ وارن مشنن ۾ اضافي کي پڻ نظر ۾ رکيو آهي.

محققن مطابق انهن ٽڪرن مان گھڻا ته سمنڊ ۾ ڪرن ٿا ڇاڪاڻ ته سمنڊ ڌرتي جي هڪ وڏي حصي تي ڦھليل آهي پر تڏهن به انهن کي تحقيق مان خبر پئي آهي ته جيئن جيئن لانچ ڪيل راڪيٽن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو آهي تيئن تيئن انهن مان هڪ يا ان کان وڌيڪ جي ٽڪرن جي آبادين وارن علائقن ۾ ڪرڻ جا خدشا به وڌي رهيا آهن. معلوم ٿيو آهي ته ايندڙ ڏهاڪي ۾ ڪنهن نه ڪنهن شخص کي انهن راڪيٽن جي ٽڪرن لڳڻ سبب نقصان پهچي سگھي ٿو. ۽ ان قسم جا حادثي جا امڪان 10 في سيڪڙو تائين آهن. ان قسم جي حادثي جو شڪار ٿيڻ وارو زخمي به ٿي سگھي ٿو ۽ اجل جو شڪار به ٿي سگھي ٿو.

سائنسدانن کي ان تحقيق مان اهو به معلوم ٿيو آهي ته اهي ڪهڙا علائقا آهن جتي انهن ٽڪرن جي ڪرڻ جو خدشو ۽ انساني جانين کي نقصان پهچڻ جو خطرو آهي. سندن مطابق ان سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ خطري جي وڪڙ ۾ انڊونيشيا، ميڪسيڪو ۽ نائجيريا جهڙا ملڪ آهن ۽ ان جو سبب اهي رستا آهن جتان انهن مشنن کي اڏامون ڪرايون ويون هيون. تحقيقي نتيجن مان اها به خبر پئي آهي ته انهن راڪيٽن ۽ مشنن کي خلا ۾ اماڻيندڙ سمورين ايجنسين وٽ انهن راڪيٽن يا انهن ٽڪرن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ انهن کي محفوظ طريقي سان زمين تي آڻڻ جي صلاحيت موجود آهي پر تڏهن به اهي ان سلسلي ۾ ڳرن خرچن کان بچڻ لاءِ ان کان لنوائڻ پسند ڪن ٿا.

اهڙي صورتحال ۾ اهو تمام ضرور ٿي پيو آهي ته ان معاملي ۾ واسطيدار ۽ ذميدار حڪومتون توڙي ادارا گڏجي ڪم ڪن ۽ ان ڳالھه جي خاطري ڪن ته استعمال کان پوءِ راڪيٽ ۽ انهن جا حصا ڌرتي تي محفوظ ۽ سلامتي واري انداز ۾ ڪرندا. سائنسدانن مطابق ان ريت جيتوڻيڪ خلائي مشنن جي خرچ  ۾اضافو ٿي ويندو پر اهڙو قدم انساني زندگين جي لاءِ  ۽ خلا ۾ وڌندڙ ڪچري تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ضروري ۽ مددگار ٿابت ٿيندو.