شھدادڪوٽ ( ڊ ر) ٻوڏ جي تيز وھڪرن سبب موٽروي روڊ خضدار ڀرسان ونگو  پل ٽٽڻ ڪري سنڌ پنجاب سميت شھدادڪوٽ جون گاڏيون ڦاٿل هئڻ ڪري ڊرائيور بکن ۾ پاھ ٿي ويا، ڊرائيورن اڪبر مگسي، عرفان کوسو، خالد کوکر، سڄڻ بروھي،  لطف مگسي ٽائيم نيوز سان موبائل تي رابطو ڪري پنهنجي گاڏين جي ڦاسڻ جو اطلاع ڪندي بلوچستان جي وزيراعليٰ کان گهر ڪئي ته گوادر موٽروي روڊ ونگو چڙھائي واري پل ٻوڏ جي تيز وھڪرن ۾ لڙھڻ کي ھڪ ھفتو گذري ويو آهي، ونگو جي پھاڙن ۾ ڦاٿل آهيون، کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، بکن ۾ پاھ ٿي ويا آهيون کاڌ خوراڪ نه ملڻ ڪري اسان جون جانيون خطري ۾ آهن، اسان کي ونگو جي پھاڙن کان ريسڪيو ڪري ٻاھر ڪڍيو وڃي.