لاهور (م ڊ) وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) وفاقي وزير خسرو بختيار جي ڀاءُ مخدوم شهريار جي شگر مل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. شگر مل انتظاميا کي جاري نوٽيس ۾ 15 اپريل تي اعليٰ عهديدارن کي ايف آءِ اي لاهور طلب ڪيو ويو آهي. نوٽيس ۾ مخدوم شهريار کي سٽي ذريعي کپايل کنڊ جا دستاويز گڏ آڻڻ جو حڪم به ڏنو ويو آهي ۽ سٽي ذريعي وڪرو ۽ بُڪ ڪيل کنڊ جو رڪارڊ رکڻ جو طريقي ڪار به طلب ڪيو ويو آهي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ٽو اسٽار شگر مل انتظاميا ۽ شيئر هولڊر کنڊ سٽي بازن سان مليل آهن، سٽي بار مل مالڪن ذريعي غير قانوني پئسو ٺاهي رهيا آهن. هوڏانهن خسرو بختيار جو چوڻ آهي ته مل ۾ منهنجا اڳ ۾ شيئر هئا پر هاڻ ناهن.