خراب معيشت ۽ مهانگائي جو سڄو بار عوام تي

0
95
خراب معيشت ۽ مهانگائي جو سڄو بار عوام تي

ملڪ جي معيشت جي خراب حالت هجي يا مهانگائي جو وڌندڙ طوفان ان جو سڄو بار عام عوام تي ئي پئجي رهيو آهي، وري جڏهن حڪمران بچت جا منصوبا ٺاهين ٿا ته ان جو شڪار به عام ماڻهو کي  ڪرڻ جو سوچين ٿا، مطلب ته عام ماڻهو کي شڪار ڪري حڪمران ڪلاس يا اشرافيا پنهنجو بندوبست ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي.عوام کي اڳ ئي ڪو رليف يا رعايت نه ٿي ملي رهندو انهن کان جيئڻ جو حق به کسڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.اصولي طور ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته جيڪي به مراعت يافته طبقا آهن يا غير پيداواري خرچ آهن جيڪي ملڪي ناڻي تي بار بڻيل آهن انهن کي ختم يا گهٽ ڪري معيشت کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن مهانگائي به گهٽ ٿئي ته عوام کي به سرڪار ڪي سهولتون مهيا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي پر حڪمرانن جي قدمن مان لڳي نه ٿو ته ڪو انهن کي عوام جو فڪر آهي. انهن کي ته سڄي پريشاني اها آهي ته عوام تي جيترو بار وجهي سگهجي ته وجهجي جيئن حڪمران يا اشرافيا ڪلاس جون مراعتون برقرار رهن انهن کي معيشت جي ڳڻتي به عوام جي ڪري نه آهي پر اهو ڊپ  آهي ته سندن ڪلاس جا خرچ ڪٿان پورا ٿيندا جيڪڏهن معيشت وڃي ترو ورتو.

شماريات کاتي جا هن هفتي جا انگ اکر آهن ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وڃي ساڍا ٻٽيهه سيڪڙو تائين پهتي آهي ۽ انهن 25 شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي جيڪي عام استعمال۽ کائڻ پيئڻ جون شيون آهن.ڊالر جو اگهه روز وڌي رهيو آهي ۽ سون جي قيمت في تولو ٻه لک رپين کان  به چڙهي وئي آهي.هوڏانهن حڪومت وري معيشت کي بهتر بنائڻ يا ساليانو 10 کرب رپيا بچائڻ لاءِ جيڪي سفارشون جوڙي رهي آهي ان سان عام سرڪاري ملازم يا مڊل ڪلاس ماڻهو  لاءِ گذارو ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته ڊالر جو اگهه وڌڻ ۽ مهانگائي ٿيڻ سبب رپئي جي ڪا اهميت نه رهي آهي جيڪو ماڻهو اڳ پنج سئو رپين ۾ ڏينهن جو گذران ڪري ويندو هو هاڻي ان لاءِ هڪ هزار رپيا به پورو نه ٿو پوي ۽ ان جي ڪمائي وڌڻ بدران گهٽجي رهي آهي جڏهن ته سرڪار وري انهي سرڪاري ملازمن جي پگهار 10 سيڪڙو گهٽائڻ جو سوچي رهي آهي. قومي ڪفايت شعاري ڪاميٽي جون سفارشون وزيراعظم آفيس کي وصول ٿي ويون آهن ، ڪاميٽي ساليانو 500 کان هڪ هزار ارب رپين تائين بچت جي قدمن جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب بيورو ڪريٽس ۽ ججن کان هڪ کان وڌيڪ پلاٽ واپس وٺڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، ذريعن مطابق جون 2024ع تائين وفاقي وزيرن، پارليامينٽ جي ميمبرن پگهارن ۽ مراعتن ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي جي سفارش ڪئي وئي آهي، سرڪاري ملازمن ۽ آفيسرن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي جي سفارش ڪئي وئي آهي، ڪاميٽي غير ملڪي دورن تي پابندي جي به سفارش ڪئي آهي. ذريعن مطابق قومي ڪفايت شعاري ڪاميٽي جون سفارشون منظوري لاءِ ڪابينا ۾ پيش ڪيون وينديون. ڪفايت شعاري ڪميٽي جيڪي سفارشون ڏنيون آهن ان سان سڀ کان وڌيڪ اهي ملازم متاثر ٿيندا جن جي پگهارهڪ لک يا ان  کان به گهٽ آهي.جڏهن ته پروٽوڪول کان وٺي وڏن عهدن تي ويٺلن کي جيڪي سرڪاري خزاني مان رعايتون ملي رهيون آهن انهن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪا سفارش ٿيل نه آهي ته ڪيئن گئس بجلي کان وٺي ايڪڙن ۾ پکڙيل گهر ۽ انهن لاءِ اسٽاف جيڪو سرڪاري خزاني تي پلجي ٿو اهو گهٽ ڪجي .

اسان سمجهون ٿا ته سرڪاري ملازمن جون پگهارون گهٽائڻ واري سفارش قابل قبول نه آهي جنهن سان هزارين ملازم متاٿر ٿيندا جيڪي اڳ ئي گهٽ پگهار ۽ مهانگائي سبب مشڪل سان گذارو ڪري رهيا  آهن .تنهن ڪري سرڪار اهڙا ننڍا قدم کڻڻ بدران انهن وڏن خرچن ۾ گهٽتائي جو سوچي جيڪي اشرافيا ڪلاس حڪمران طبقي ۽ بيورو ڪريسي کي مراعتن جي نالي تي ٿي رهيا آهن يا انهن وڏن واپارين صنعتڪارن يا ريئل اسٽيٽ کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻي تڏهن وڃي معيشت پنهنجي پيرن تي بيهڻ جهڙي ٿيندي يا ڏسڻ جهڙي بچت ٿيندي باقي سرڪاري ملازمن جي پگهارن مان ساليانو ڪجهه ارب ڪٽي معيشت کي بهتر ڪري نه ٿو سگهجي.