خدا غافل ماڻهن جو به رزق بند ناهي: عابده پروين

0
343

ڪراچي (شوبز نيوز) صوفي گيتن جي ملڪا عابده پروين پنهنجي هاڻوڪي انٽرويو ۾ مداحن کي انسانيت جو پيغام ڏيندي چيو آهي ته خدا ته انهن کي به کارائڻ بند ناهي ڪندو جيڪي ايمان نٿا رکن.عابده پروين تازو ئي ڪوڪ اسٽوڊيو جي سيزن 14 ۾ رليز ٿيل پنهنجي ڪلام ”تو جهوم“ جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ”زلفي صاحب“ ان ۾ پنهنجي دل ۽ جان لڳائي آهي، زلفي ان جي راڳ کي پاڪيزگي ۽ گرمجوشي سان پيش ڪيو آهي.

گلوڪارا نصيبو لال جي تعريف ڪندي هن چيو ته هن سان گڏ نصيبو لال کي به ان پرفارمنس جو حصو بڻائڻ به هڪ سٺو خيال هو ڇو جو نصيبو لال به هن جيان پراڻي آهي ۽ گھڻو سٺو ڳائيندي آهي. هن چيو ته هوءَ پيسي لاءِ ناهي ڳائيندي، هن جي ڪنهن به پليٽ فارم تي هجڻ جو مقصد خدا جو پيغام ڦهلائڻ آهي.