ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ماڊل اروشي روٽيلا جو پاڪستان جي فاسٽ فالر نسيم شاهه بابت هڪ نئون بيان وائرل ٿي رهيو آهي. اروشي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هڪ صحافي نسيم شاهه ۽ سندس ايڊيٽ ڪيل وڊيو وائرل ٿيڻ بابت سوال ڪيو. جنهن تي اروشي روٽيلا جو چوڻ هو ته اسان جا ڪيترائي مداح هوندا آهن جيڪي اسان جي لاءِ وڊيوز ايڊيٽ ڪري ٺاهيندا آهن جن جي حوصلا افزائي جي لاءِ ضروري آهي ته اسان جي ٽيم اهڙي مداحن جا ٿورا مڃي ۽ انهن ايڊٽ ڪيل وڊيوز کي شيئر ڪري. هن وڌيڪ چيو ته مون کي خبر ناهي ته نسيم ۽ منهنجي وڊيو ڪنهن ايڊٽ ڪئي يا ڪير اهڙي ايڊٽنگ ۾ ملوث هو پر اهو ته وري ڪنهن ٻئي ايريا ۾ ئي وڃي نڪتو.