چارسده (م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي جي رهبرِ تحريڪ خان عبدالولي خان جي گهرواري بيگم نسيم ولي لاڏاڻو ڪري وئي، گهرڀاتين اي اين پي جي اڳوڻي صوبائي صدر بيگم نسيم ولي خان جي وفات ي تصديق ڪندي ٻڌايو ته بيگم نسيم ولي خان شگر ۽ دل جي عارضي ۾ مبتلا هئي، بيگم نسيم ولي خان اي اين پي جَي رهبرِ تحريڪ خان عبدالولي خان جي بيواهه ۽ ٽي ڀيرا صوبائي اسيمبلي جي ميمبر چونڊي. اي اين پي ترجمان موجب بيگم نسيم ولي خان جي جنازي نماز ڪالهه شام جو باغِ چارسده ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف سوڌو سياسي اڳواڻن بيگم نسيم ولي خان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه طرفان به بيگم نسيم ولي خان جي لاڏاڻي تي پونيئرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ويو