خانپور مھر (ن پ ا) بلدياتي چونڊن جو پھريون مرحلو، تعلقي خانڳڙھ جي ھڪ  ٽائون ڪاميٽي ۽ 6 يونين ڪائونسلن جون سموريون پولنگ اسٽيشنون انتھائي حساس قرار، تعلقي انتظاميا رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي. ان حوالي سان بلدياتي چونڊن جي پھرئين مرحلي ۾ 26 جون تي اليڪشن ٿي رھي آھي. تعلقي خانڳڙھ جي ٽائون ڪاميٽي خانڳڙھ ۽ 6 يونين ڪاؤنسلن جون 66 پولنگ اسٽيشنون انتھائي حساس قرار ڏنيون ويون آھن. اھڙي رپورٽ ضلعي انتظاميا کي ڏني وئي آھي. امڪان آهي ته تعلقي جي سمورين پولنگن تي سيڪورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويندا. تعلقي خانڳڙھ ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي وچ ۾ وڏي پيماني تي مقابلو آھي. پيپلزپارٽي پاران محمد بخش مھر ۽ جي ڊي اي پاران سردار علي گوھر مھر پنھنجا پنھنجا اميدوار بيھاريا آھن.