ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ فيڪٽري مالڪن پاران زڪوات ورهائڻ دوران پيش آيل افسوسناڪ واقعو ڏکوئيندڙ آهي، خانگي ڪمپني زڪوات ورهائڻ بابت اجازت نه ورتي هئي، زڪوات ڏيڻ خير جو ڪم آهي پر امداد کي  منظم ۽ نظم و ضبط سان ورهائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ پوليس ان واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، وڏي وزير فوتين جي  وارثن لاءِ 5،5 لک ۽ زخمين لاءِ 1،1 لک رپيا امداد جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ حڪومت سڄي پاڪستان ۾ مفت اٽي جي ورهاست جي صورتحال کي ڏسندي سڄي سنڌ ۾ اٽي بدران نقد رقم، بي آءِ ايس پي جي سهڪار سان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ھن چيو ته مستحق خاندانن کي سبسڊائزڊ اٽي جي خريداري لاءِ 2 هزار روپيا في خاندان جي حساب سان 78 لک خاندانن کي ڏنا ويندا  ۽ ان سلسلي ۾ 30 مارچ تائين 38 لک 24 هزار 145 مستحقن کي موبائيل فون تي ميسيجز موڪليا ويا آهن. جنهن مان هن وقت تائين 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو 2 ارب 14 ڪروڙ 25 لک 64 هزار رپيا ڪيش ڪرائي چڪا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جو خيال آهي ته عوام کي روڊن تي بيهڻ بدران باعزت طريقي سان امداد ڏني وڃي. هن ٻڌايو ته رمضان المبارڪ ۾ 15 ارب رپين جي سبسڊي ڏني ويندي. جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو  ته هو مستحق آهي ۽ سندس نالو بي آئي ايس پي ۾ شامل ناھي ته اھي  ويجھي بي آءِ ايس پي سينٽر سان رابطو ڪن ، انهن کي 24 ڪلاڪن اندر رجسٽرڊ ڪيو ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت کي ان مد ۾ وڌيڪ 5 ارب روپيا  به خرچ ڪرڻا پيا ته ضرور ڪندي.