حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آل پاڪستان پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن حيدرآباد ڊويزن جي فنانس سيڪريٽري زبير احمد زئي سعيد محبت علي قريشي، حسن مرتضيٰ، غضنفر علي جوکيو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته حڪومت ڪورونا وبا جو خطرو ڄاڻائي پهرين کان اٺين ڪلاس تائين اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو واپس نه ورتو ته 12 اپريل تي حڪومت فيصلي خلاف ڪراچي پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪورونا جي پابندي سبب اڳ ۾ ئي تعليم جو وڏو نقصان ٿيو آهي ٻيهر اسڪول بند ڪرڻ ملڪ ۽ قوم لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو. هن چيو ته خانگي اسڪول ڪورونا وبا دوران مڪمل طور ايس او پيز تي عمل ڪري رهيا آهن پر تنهن باوجود اسڪول بند ڪرايا ويا آهن. پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته ڪورونا وبا کان اڳ سنڌ ۾ 22.2 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر هئا جڏهن ته ڪورونا وبا بعد اسڪولن مان ٻاهر ٻارن جو انگ وڌي 32.2 ملين ٿي ويو آهي. معاشرو عمارتن جي ٺهڻ سان نه جڙندو آهي. معاشرو تعليم سان جڙندو پر عمران خان ملڪ کي ترقي ڏيارڻ بدران پوئتي ڌڪي رهيو آهي.