گمبٽ (ن پ ا) سکر بورڊ پاران گمبٽ ۽ راڻيپور جي پرائيويٽ اسڪولن ۾ امتحاني سينٽر قائم ڪرڻ خلاف استادن، شاگردن ۽ والدين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڀٽائي چوڪ تي بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪئي وئي. سومر کان امتحانن جو بائيڪاٽ جو چتاءُ. ان موقعي تي احتجاج ڪندي آصف علي لاکائي، عابد سيال، عبدالحميد ڄامڙو، سڪندر چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سکر بورڊ انتظاميا ضلعي خيرپور اندر ٻه امتحاني سينٽر پرائيويٽ اسڪولن ۾ قائم ڪيا آهن، جتي نجي اسڪول جا مالڪ پنهنجن شاگردن کي سرعام ڪاپي ڪرائي رهيا آهن. هنن جو چوڻ هو ته سکر بورڊ انتظاميا رشوت عيوض مارڪون ۽ پوزيشنون ڏيئي رهي آهي. اهڙو عمل ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو. احتجاج ڪندڙ شاگردن، استادن ۽ والدين سنڌ جي تعليم وزير ۽ سکر بورڊ انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته پرائيويٽ امتحاني سينٽر ختم ڪيو وڃي، ٻِي صورت ۾ سومر کان امتحانن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.