خانپور(ن پ ا) خانپور ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي روڊ تي حاجي خواستي ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو ڳوٺ جمعو بروھي واسي نورالدين پٽ بدر  بروھي فوت ٿي ويو، جڏھن ته 10 ورھين جو نينگر ستار بروهي، 9 ورھين جو  مارو بروھي ۽ ڳوٺ جادو ڪلھوڙو واسي عبدالمالڪ ڪلھوڙو، امير علي ڪلھوڙو، محمد ابراھيم ڪلھوڙو زخمي ٿي پيا. ٻئي طرف ڪار ۽ رڪشا ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ محمد الياس پھوڙ، رڪشا ڊرائيور  نظام سومرو، مسمات روبي شيخ، سندس ي ٽن مھينن جو ٻارڙو رحمت الله شيخ زخمي ٿي پيا، جن کي خانپور اسپتال ۾ طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج جي لاءِ شڪارپور نيو ويو.