خانپور (ن پ ا) خانپور شھر ۾ قائم نادرا آفيس ۾ 14 آڪٽوبر کان 17 آڪٽوبر تائين ڳوٺاڻن عورتن جو ھفتو مھم ھلائي پئي وڃي، جنھن ۾ ڳوٺاڻن عورتن کي اولين ترجيح ڏيندي مفت شناختي ڪارڊ ٺاهڻ جو سلسلو جاري آھي، مھم مان سوين ڳوٺن سان لاڳاپيل عورتون پنھنجا شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ اچي رھيون آھن. ان حوالي سان نادرا خانپور آفيس انچارج فراز علي سيٺار ٻڌايو ته   اسين عورتن جي ڏينھن جي حوالي سان ڳوٺاڻن عورتن جي شناختي ڪارڊ ٺاهڻ جو ھفتو ملھائي رھيا آھيون.