خانپور(ن پ ا) محمد آباغ واسي ڪارنھن الزام ھيٺ آيل حمير سومرو جي ڀاءُ اسيد سومرو خانپور پريس ڪلب  پھچي صحافين آڏو دانهيو ته ڀاءُ مٿان ربنواز سومرو پنھنجي نياڻي راڻيءَ سان موبائل تي ڳالهائڻ جو ڪوڙو الزام ھڻي ڪارنھن جي تھمت مڙھي آھي. هن چيو ته جوابدارن گھرن ۾ گھڙي ڀڃ ڊاھ ڪئي. فصل ڀيلائي نقصان رسايو ويو، زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي، دڪانن ۾ به ڀڃ ڊاھ ڪري ويا آهن.سڱ چٽيءَ ۾گھري رھيا آھن، پوليس ڪو به تحفظ نه پئي ڏي، تحفظ فراھم ڪيو وڃي .